اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلي?? جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع ??وچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي ??هرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي ??سڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهوا جي ??ثرن کي پاڪستا?? جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.