اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي جي نه پر سنڌ جي وڏي وزير سان مليو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت ان کي ڏنو، وزيراعظم ڪنهن به صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ??ٿو ڪرڻ چاهي، حيرت آهي جو پرچي تي چيئرمين ٿيندڙ بلاول وري وزيراعظم کي چونڊيل وزيراعظم تسليم ??ٿو ڪري، احسن اقبال جي گرفتاري ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ نه آهي جنهن گجرون کاڌ??ون آهن انهن کي ته پيٽ ۾ سور ته پوندو، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم وڏي وڏي تحمل سان سڀني صوبن جو م??قف ٻڌو عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت وزيراعظم جي ترجيح آهي.