ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فو??م جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪ??يو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري رهيا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪن??ن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.