??سل??م آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي سرڪاري ميڊيا جي وچ ۾ تعاون مثبت اڳڀرائي آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي آر ٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن ??ي صحيحون خوش آئنده آهن، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان قدم سان ترڪي ۽ پاڪستان ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ حاصل ٿيندو