اسلام آباد – 04 ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عو??م جي حق ۾ بيان واکاڻ ج??ڳو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آءِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظيم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آءِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي اصولي موقف جي اڻٽر حمايت واکاڻ جوڳي آهي.