اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي ??ابت ڪا??ينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪا??ينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ ج?? سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي ??لودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (س??وگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪا??خانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪا??ينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ ج?? اجازت هوندي، ڪا??ينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ ج?? اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.