اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي منصوبا موجوده حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن، ان تي ٽائيم لائنز موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان ??يستائين جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شعبي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به وزيراعظم کي ب??يفنگ ڏني وئي. لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان ??يستائين جي اڳڀرائي ب??ب?? به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته راوي سٽي منصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي منصوبي سان ??اهور سميت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.