اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو ??قت آهي، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لا??ِ سفارش?? کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تا??يخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تا??يخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوا?? کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق را??ِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو ??قار بلند ٿيندو.