xاسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغ??رت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئ??. هن چيو ته متاثرين جي ڏک جي ان گهڙي ۾ ب??ابر جا شريڪ آهيون، سينيٽ جي چيئرمين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي وقت سر ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئ??. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئ?? ۽ چيو ته مارجي ويلن جي پوئينرن سان ڏک ۾ ب??ابر جا شريڪ آهيون.