اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاث?? شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاث?? شهري کي ان جي گم ٿيل رقم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضا??طگ?? ثابت ٿي آهي. جڏهن ته بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان ??ڪا??ت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب ??ڪا??ت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ ک??ليو ۽ ان وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا ??عن?? 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته بئنڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. ??ڪا??ت ڪندڙ ??عن?? اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن ??ڪا??ت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن تي ??ڪا??ت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي لاڳاکيل اعليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفاقي بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي بئنڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري بئنڪ وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ته صدر وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ بئنڪنگ کي فراڊ کان متاث?? شهري کي ان جي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي بدانتظامي، بي ضا??طگ??ن ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.