اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواين جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدال?? کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشم??ر ۾ بي گناهه ڪشميرين جي عدال?? کان مٿانهين قتل ۽ انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارتي فورسز پاران عدال?? کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي قابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو جڏهن ته سرينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪشميرين جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدال?? کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪشم??ر ۾ بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ ڀارتي قابض فوج پاران انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ معصوم ڪشميرين جي انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.