اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ??رورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي ??والي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي ??وبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي ??ربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي ??والي سان مختلف پروگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ??رورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ??رورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ??رورتن موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آباد?? جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشر?? جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿي??دا.