پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود ??ان چيو ??هي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه ??هي ۽ هميشه ??ندهه رهندو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ ا??تا??ن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي ايس جي 7 ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.