اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته قا??ون جي بالادستي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انصاف جي فوجداري نظام ?? سڌارا آڻي رهي آهي، جنهن سان حڪومت جي قا??ون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومت جي انصاف جي فوجداري نظام ?? سڌارن تي اجلاس ??ي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته قا??ون جي بالادستي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وقت سان گڏوگڏ فوجداري نظام ?? انتهائي اهم تبديليون نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ قا??ون ۾ فرق وڌندو ويو. هن چي?? ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجداري نظام ?? سڌارا آڻي رهي آهي، سڌارن کي لاڳو ڪرڻ سان حڪومت جي قا??ون جي بالادستي جي منشور کي عملي جامعو پارائي سگهبو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي حڪومت جي ملڪ ۾ انصاف جي فوجداري نظام ?? سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت ملڪ جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان نظام ?? وڏيون تبديليون آڻي رهي آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اتفاق راءِ سان فيصلاسازي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ قا??ون ۾ تبديلي جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو بيسٽ پريڪٽسس کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي. نئين نظام ?? ايف آءِ آر جي ڊيجيٽلائيزيشن، ٽرائل جي طريقيڪار، اپيل، اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ذريعن سان ثبوت گڏ ڪرڻ، فوجداري نظام ?? عالمي معيار سان هم آهنگ جديد اوزارن جو استعمال، پلي بارگين جي طريقيڪار ۾ تبديلي، وڊيو کي ثبوت طور استعمال ڪرڻ شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فوجداري قا??ون ۾ نيون ڏوهاري شقون تجويز ڪيون ويون آهن جن ۾ عورتن جي تحفظ جا قا??ون جهڙوڪ Stalking of Women Offence پڻ شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي پي سي ۽ سي آر پي سي ۾ ترميمون پڻ انهن سڌارن جو حصو آهن. تجويز ڪيل ترميمن جو بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري کانپوءِ نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ?? بهتري ايندي پر اهڙا ڏوهاري ماڻهو جيڪي جدت اچڻ کانپوءِ پراڻي نظام ?? سزائون نه هجڻ جي ڪري قا??ون جي پڪڙ کان ٻاهر هئا انهن جي خلاف به موثر ڪارروائي ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم قا??ون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ قا??ون واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قانوني ماهرن جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سڌارن کي ملڪ ۾ قا??ون جي بالادستي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اجلاس ۾ قا??ون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، قا??ون واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ قا??ون واري وزارت ??ي صلاحڪارن شرڪت ڪئي.