اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻن پنهنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاه??ا آهن، اهي عمران خان ۽ احتساب جي ڊپ کان گڏجي ره??ا آهن، عدم اعتماد جي رٿ بي شڪ کڻي اچن، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي، اهي لُٽيل دولت وطن واپس آڻيندا. سينيٽ ۾ اعتراض واري نقطي تي خيالن جو اظه??ر ڪندي هن چيو ته عوام جي پئسي سان ايوان جي ڪارروائي هلندي آهي پر مخالف ڌر بار ب??ر ڪورم جي نشاندهي ڪري هلي ويندي آهي، اهي جيڪو مرضي ڪري وٺن، ناڪامي انهن جو مقدر هوندي، ايماندار صو??يدار اچي وڃي ته سمورا چور گڏجي ويندا آهن، مقصود نوڪر جي اڪائونٽ مان 35 ڪروڙ ڪٿان آيا سڀ ڄاڻن ٿا، 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 1600 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا ويا، مخالف ڌر اڳواڻن پنهنجا اثاثا ٻاهرين ملڪ ٺاه??ا آهن، سري محل ۽ ايون فيلڊ اپار??مي??ٽس انهن جي ملڪيت آهن، هن چيو ته انهن جو پنهنجي ملڪ سان ڪا به ڏي وٺ نه آهي، 1999ع کان 2017ع تائين نيب 290 ارب ر??پي?? جون وصولين ڪيون جڏهن ته تحريڪ انصاف جي پهرين ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا و??ا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، مخالف ڌر جيڪو مرضي ڪري وٺي عمران خان جو ڪجهه بگاڙي نٿي سگهي، کيس اين آر او نه ملندو.