اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهي?? ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن س??ن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهي?? ٿيندڙن جي وارثن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر ڪيپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهي?? ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن س??ن رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضي??ءُ الله خان جي وارثن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن س??ن به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهي?? ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن س??ن به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خاندان جي ماڻهن س??ن افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن س??ن به رابطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.