اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو ??نڀالڻ تي قطر جي ??مير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي ??مير ۽ نائب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي ??واب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي ??ظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف وڌ??ڪ چيو ته قطر جي ??مير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي ??سان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستق??ل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قطر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ??مير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.