اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص طور اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ??يا?? ڏيڻ جي هد??يت ??ئي آهي. هن اها هد??يت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ??ئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ??يا?? ڏيڻ جي هد??يت ??ئي. وزيراعظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي يق??ني بڻائڻ جي هد??يت ??ئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يق??ني بڻائن جي به هد??يت ??ئي ته جيئن پوليو جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم پوليو جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي ق??مي ڏينهن تي ق??مي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ جون هد??يتون جاري ڪيون.