ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جهاز سازي، انجنيئرنگ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ ت??ڪي??َ جي وچ ۾ اسٽر??ٽج?? تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ت??ڪي??َ جي قومي دفاع واري وزير بلوسي اڪار وفد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سمورن عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي ت??ڪي??َ جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ت??ڪي??َ جي مهارت ۽ تجربي مان هر ممڪن فائدو کنيو وڃي. هن ت??ڪي??َ جي حڪومت ۽ عوام جوا سچي دل سان ٿورا مڃيا ته انهن پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ جهڙن مضبوط ادارن جي ترقي ۾ مدد ڪرڻ ج?? عزم جو اظهار ڪيو جيڪو ت??ڪي??َ جي حمايت جي ڪري ڪيترن ئي سالن ۾ منافعو ڪمائيندڙ اداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزر اسرار ترين، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، وزيراعظم جو اسٽر??ٽج?? اينڊ پوليٽيڪل ڪميونيڪشن بابت ??اص معاون سيد فهد حسين ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.