اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه ??سا??ڻ جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪر?? جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿ??رٽي (اين ڊ?? ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??ري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي پتنئي، مينگوره ۾ باهه ??سا??ي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست ف??ري منظور ڪندي باهه ??سا??ڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه ??سا??ڻ جي لاءِ فضائي امداد ف??ري فراهم ڪئي وڃي.