اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محم?? شهباز شريف ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ پاران نبي ڪريم ﷺ بابت گستاخانا لفظن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين کي پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مس??ما??ن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي سان ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم محم?? شهباز شريف چيو ته هو اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ بابت ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ جي دل آزاري تي ٻڌل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. وزيرا??ظم چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته مودي جي قيادت ۾ ڀارت ۾ مذهبي آزادين کي پائمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته مس??ما??ن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. وزيرا??ظم چيو ته دنيا ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ سختي سان ان کان پڇاڻو ڪيو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ سان محبت اسان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. سمورا مس??ما?? پنهنجي پيغمبر جي محبت ۽ احترام ۾ پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي سگهن ٿا.