اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستا?? جي پاليسي ۾ ڪا به ??بديلي ن??هي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت سان لاڳاپ?? جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجما?? جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستا?? جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به ??بديلي ن??هي آئي جنه?? تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاو?? تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهي?? جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاو?? جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور ت?? بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حق?? تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ??ڪر ڪيو جنهن ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرار?? جي حل لاءِ ا?? جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور ت?? سمجهيو ويندو آهي جنه?? تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.