اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شا??رد?? تي زور ڏنو آهي ته اهي علم جي قيمتي آن لائين ذخيري کي استعمال ڪندي پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن، اعليٰ تعليمي ادارن کي فنون ??طيفه ۽ ادب جي شعبي ۾ تعليم جي ذريعي امن، ڀلائي ۽ جامعيت جي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي دوري ۽ فيڪلٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اطهر عطا ۽ فيڪلٽي س??براهن شرڪت ڪئي. يونيورسٽي جي فيڪلٽي کي خطاب ڪندي صدر چيو ته فنون ??طيفه ۽ ادبيات جي گريجويٽس جي مارڪيٽ ۾ قدر ۽ طلب جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ مارڪيٽ سروي جي ضرورت آهي، ??نون ??طيفه ۽ فلسفي جو مطالعو هڪ ٺوس ۽ متوازن انساني شخصيت جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏي ٿو. صدر چيو ته فنون ??طيفه، ادبيات ۽ فلسفي جي شعبن ۾ پڻ تعليم کي هڪ جهڙي اهميت ڏيڻ گهر??ي، استاد فارغ التحصيل شا??رد?? کي پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي باعزت روزي ڪمائڻ جي قابل بڻائين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي اردو يونيورستي کي ملڪ ۾ فنون ??طيفه ۽ ادب جي فروغ جي لاءِ هڪ مثالي ادارو بڻائين، بصارت ۽ جسماني طور تي معذور شا??رد?? کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٻين شا??رد?? سان گڏ داخلا ڏيڻ گهر??ي، خصوصي شا??رد?? جي لاءِ استادن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي انهن جي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته خصوصي تعليم جو مقصد رڳو شا??رد?? کي هنر ۽ تعليم ڏيڻ نه آهي پر ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. صدر اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي ۾ تعاون ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شا??رد?? کي عملي تجربو ڏيڻ سان انهن کي لاڳاپيل شعبن ۾ مارڪيٽ ضرورتون سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) ڪورسيرا جي مدد سان شا??رد?? ۽ استادن کي مختلف شعبن ۾ 4 هزار مفت ڪورسز تائين پهچ فراهم ڪئي آهي. ان کان اڳ اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان جي مسلسل رهنمائي ۽ تعاون تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي ته هو فيڪلٽي کي ريگيولر ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري. بعد ۾ صدر يونيورسٽي جي مختلف تعليمي بلاڪس جو دورو ڪيو ۽ چوماسي جي وڻڪاري جي حوالي س??ن ٻوٽو پڻ لڳايو.