راولپنڊي -30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ٻوڏ کان ??چاءَ ?? امدادي ڪوششن جو جائزو وٺڻ لاءِ سوات جي علائقن جو دورو ڪيو. ان ??وري جو مقصد ڪمراٽ، ڪالام ۽ ڀرپاسي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ امدادي ڪارروائين بابت زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر 82 اڏامون ڀريون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 هيليڪاپٽرن جي اڏامن ذريعي 316 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ 23.27 ٽن راشن ۽ امدادي شيون فراهم ڪيون ويون. ان کان ??لاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ متاثرن ۾ 3540 راشن جا پيڪيٽ ۽ 250 خيما ورهايا ويا. جڏهن ته 51 فري ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 33025 مريضن جو علاج ڪيو ويو. آرمي فلڊ رليف ڪو آرڊينيشن سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندو آهي جنهن ۾ فوج جي سطح تي اسٽيڪ هولڊرن سان هم آهنگي سان ??يسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. رليف جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ 217 پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، جتي هيل تائين 122.87 ٽن خوراڪ (اٽو، داليون، کنڊ وغيره) 5.9 ٽن غذائي شيون (خيما، ترپال)، ڪپڙي وغيره گڏ ڪيا ويا آهن. عالمي ٻوڏ رليف امداد جي حوالي سان ??رڪيه مان 7 فوجي جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويا آهن. گڏيل عرب امارات مان 3 فوجي جهاز نور خان ??يئر بيس راولپنڊي پهچي ويا آهن. چين مان 2 جهاز 3000 خيما کڻي ڪراچي پهچندا. جاپان مان ??رپالون ۽ پناه گاهون اڄ ڪراچي پهچنديون. ڪينيڊا 5 ملين آمريڪي ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو ??هي. برطانيه 1.5 ملين پائونڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ??هي. جڏهن ته آذربائيجان 2 ملين آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ??هي.