اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت ??مدادي ڪمن بابت هڪ ڀا??تي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀا??تي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀا??ت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀا??تي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي ??ني??د ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آهي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڀا??تي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت ??مدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.