سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، ??ڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، ??يڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ??فيس کان ريلي ??ڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ??ڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ??يد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر ??حسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ??ندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.