اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري ڪاميڊين اداڪار ماجد جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته ماجد جهانگير اسماعيل تارا سان گڏ ڊرامي ففٽي ففٽي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لاڏاڻي سان ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خا?? ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شوبز انڊسٽري جي لا??ِ ماجد جهانگير مرحوم جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ماجد جهانگير مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.