اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي ??رادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عو??م جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي ??نساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار ??کيو ويو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي خودمختياري جي حق بابت پنهنجي سالياني قرارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي ??رادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي عزم جي احتر??م جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختياري جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ??قليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي ??رادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ لکيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻ، ڪشميري جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.