اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وز??ر کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شري?? ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطح?? ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران ??يد?? ٿيڻ جي سببن کان آ??اه?? ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.