اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي خصوصي اجل??س ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گذريل 50 سالن دوران آئ??ن جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ محنت، عزم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي س??نيٽ جي ملازمن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ساراهيو ويو آهي. سينيٽ جي 50 هين سالگرهه جي مناسبت سان يادگاري اجل??س ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا سميت ٻين سينيٽرن طرفان هڪ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان گذريل 50 سالن جي دوران آئ??ن جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاقي ٿنڀن جي نمائنده ايوان ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي س??نيٽ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو ۽ انهن کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ اهو پ?? اعتراف ڪيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان جي بنيادن جي مضبوطي ۾ سيڪريٽريٽ ملازمن جو اهم حصو ۽ ڪردار آهي انهن جي محنت، عزم ۽ قابل قدر مدد سان ايوان جي ڪميٽين ۽ ميمبرن کي پنهنجي فرضن جي بهترين انداز ۾ ادائيگي ۾ مدد ملي آهي.