اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? عمرا?? نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان ه??ائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين ??ڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمرا?? نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان ه??ائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي حربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل رياستي ادارن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ترغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرائي اهو ڪنهن به حد تائين ??ڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي ت??ظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميش?? نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمرا?? نيازي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.