باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪ??و آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪ??و آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو ??فد پ??ڪس??ان ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ما??هن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پ??ڪس??اني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پ??ڪس??ان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پ??ڪس??ان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏيار??و آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.