اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جواءِ وڌيڪ ڪمزور ٿي ڪيٽگري ون جي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسر مينجمينٽ اٿارٽي موجب جمعي تي منجهند جو سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کا?? 145، ٺٽي کا?? 169 ۽ ??را??ي کا?? 230 ڪلو ميٽر ڏور ڏکڻ اوڀر ۾ هو، طوفان جي سطح تي هوا جي رفتار 80 کا?? 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي پسگردائي ۾ 110 ڪلو ميٽر ريڪاڊ ڪئي وئي، سمنڊ ۾ لهرون 10 کا?? 12 فٽ هيون. واضع رهي ته پاڪستان جي سامونڊي ڪناري واري پٽي تي امڪاني اثرن جو دارومدار طوفان جي وڌيڪ اڳڀرائي تي آهي، لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، طوفان جا اثر ختم ٿيڻ تائين عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.