پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستا??ين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪس??ان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪس??ان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪس??ان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪس??ان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ت?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ?? قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستا??ين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ت?? هڪ سال ۾ پاڪس??ان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪس??ان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ت?? پاڪس??ان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽو?? ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪس??ان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪس??ان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ت?? ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستا??ين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.