اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي چين پاران پاڪ چين اقص??دي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي هيرو جو خطاب ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنهن شخص جي ايماندا??ي، محنت ۽ لگن جو اعتراف چين جهڙو عظيم ڪري رهيو آهي، ان کي سياسي انتقام ۾ پاڳل ٿي جيل ۾ وڌو ويو، ماڻهن کي اتساهي ۽ اشتعال ڏياري گولي هڻائي وئي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ??رد??رڪشيءَ ڪئي وئي، چين جو بيان اهڙن سمورن ڪارن ??رد??رن جي منهن تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين پاران اهو اعزاز پاڪستان جي پ??ڏي??ي پاليسي جي بهتري جو پڻ اظهار آهي. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ کي سفارتي اڪيلائپ ۾ مبتلا ڪيو ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران پ??ڏي??ي محاذ تي پاڪستان جا رابطا، عزت ۽ ساک بحال ٿي.