اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ماڳ پاره چناره پهتا. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد نماز فوج جي آ??يس??ن ۽ جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ کين عيد مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم فوج جي اعليٰ جذبي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي تعريف ڪئي. جوانن ۽ آ??يس??ن سان ملاقات جي دوران وزيراعظم چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ اڄ مان عيد جو ڏينهن اوهان سان گذاري رهيو آهيان ??ه جيئن مادر وطن جي سرحدن جي جرئت ۽ بهادري سان حفاظت ڪندڙ پنهنجي آ??يس??ن ۽ جوانن جي ڪوششون ۽ جذبن کي خراج تحسين پيش ڪريان. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آ??يس?? ۽ جوان پنهنجي ذاتي آرام ۽ سڪون کي ڇڏي وطن عزيز جي تحفظ، دفاع ۽ سلامتي جو عظيم فرض انجام ڏين ٿا، موسم ۽ حالتن جي سختين کي برداشت ڪن ٿا ۽ هر طرح جي ??شڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مادر وطن جي سرحدن جو پهرو ڏين ٿا جنهن تي قوم اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي هن چيو ته عيد سميت خوشين جا موقعا هجن يا ڏک جا، آ??يس?? ۽ جوان انفرادي طور وطن جي حفاظت جي ??رض کي ترجيح ڏين ٿا. اسان اوهان جي ??ن جذبي ??ي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ مان آرمي، ايئر فورس ۽ بحريه جي آ??يس??ن ۽ جوانن جي خدمت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي بي پناهه تڪليفن جو مقابلو ڪري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت جو مقدس فرض نڀائين ٿا. وزيراعظم شهباز شريف پوري قوم خاص طور تي پاڪ فوج جي آ??يس??ن ۽ جوانن کي عيد جي ??بارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته امن تباهه ڪندڙ، دهشتگردي ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه آهي، پاڪستاني قوم جي ??اڪستانيت ملڪ ۾ فتني فساد، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ قوتن جي ??ڪروه منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، انهن قوتن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي ??ڪروه ايجنڊا لاءِ ورڇ ۽ ڏارون پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته شهداءَ پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، انهن جي عزت ۽ حرمت اسان کي هر شيءَ تي مٿانهين آهي. وزيراعظم شهيدن جي ??ادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر 11 ڪور کانسواءِ صوبائي حڪومت جي اعليٰ عملدار به پڻ موجود هئا.