اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون، اسان پ??ڪس??ان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پ??ڪس??ان انيشيٽو پ??ڪس??ان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ته سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن ۽ سڄ?? ملڪ مان آبادگارن جي وڏي انگ کان علاوه بي?? الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽلي، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي ??رب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان سڀ هتي پ??ڪس??ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پ??ڪس??ان کي الله وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون. هن چيو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، الله جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن جڏهن مصيبت اچي ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوش?? ملي ته شڪر ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگهي، انشاءَ الله اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت موجود آهي جيڪو پ??ڪس??ان جي عروج تي وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.