لاهور – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ريلوي ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه سعد ر??يق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ وزارت بابت معاملن ۽ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ايئرپورٽس جي بهتر سروسز جي ??راهمي لاءِ آٽ سورنگ ۽ پي آءِ اي ۾ سڌارن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن نيشنل ايوي ايشن جي ??ئين سر جوڙجڪ ۽ ايم ايل ون جي ??نصوبي تي پاڪ چائنه جاري سهڪار تي پڻ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.