اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستا?? اردن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا ال??دني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ اردن سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان فلسطين جي مسئلي جي حمايت کي ساراهيو. هن فلسطين جي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين ال??ذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي مذهب جي گڏيل احترام کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.