اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي آخري 15 مهينن دوران دنيا سان پاڪستان جي رابطن ۾ بهتري آئي آهي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديل جي بحران، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت اهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي و??ار?? ۾ سفارتي ڪور جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. آجياڻي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، اسلام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن سميت گڏيل قومن جي ذيلي تنظيمن جي نمائندن ۽ پرڏيهي و??ار?? جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته هن پنهنجي دور ۾ مختلف ملڪن سان رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي گذريل سال موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻو پيو، جديد دنيا جي چئلينجز کي سرحدن سان روڪي نه ٿو سگهجي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري گذريل سال ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو مثال آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي اڪيلي حل نه ٿو ڪري سگهجي پر ان ج?? لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کي ٻين شريڪ ملڪن جي حمايت کانسواءِ نتيجاخيز بڻائڻ ممڪن نه هو. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چونڊن کانپوءِ سياسي استحڪام طرف گامزن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پرڏيهي وزير طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنج?? لاءِ اعزاز قرار ڏنو. هن پرڏيهي و??ار?? جي ڪم ۾ ڀرپور دلچسپي ۽ ڪردار تي پاڪستان جي سفارتڪارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جا سفارتڪار پرڏيهي و??ار?? ۽ ٻاهر??ين ملڪ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي سفارتڪارن کي ٻڌايو ته هن پرڏيهي و??ار?? کي ملڪي سياست کان جدا ڪندي نج پيشيواراڻي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پرڏيهي وزير عالمي مالياتي فنڊ (آءِ اي?? ايف) سان معاهدي تا??ين پهچڻ ۾ مدد ڏيڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڪنهن به حڪومت ج?? لاءِ ڊيليور ڪرڻ جو واحد رستو وفاقي ۽ صوبائي پارليامينٽن سميت ادارن کي مضبوط ڪري هدفن ۽ مقصدن تي ڌيان ڏيڻ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن جي آجياڻي ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. سفارتي ڪور جي ميمبرن پرڏيهي وزير پاران حڪومت جو مد?? مڪمل ٿيڻ کان الوداعي تقريب منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي و??ار?? جي قدم کي ساراهيو.