ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گ????ل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استق??ال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گ????ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ گڏ??ل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏ??ل عرب امارات جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.