اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب فنڪارن ??ي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ??ندي چيو آهي ته حڪومت صحافين وانگر فنڪارن ??ي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ??ڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن ??ي لاءِ هيلٿ انشورنس رجسٽريشن فارم جاري ??رڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. صحافين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پر موجوده حڪومت هيلٿ انشورنس جو پروگرام پڻ شروع ڪيو آ??ي. ??ن چيو ته فنڪارن ??دائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح ڪلچر اسان جو ورثو آهي، اهڙي طرح فنڪار به اسان جو ورثو آهن. هن چيو ته صحافين وانگر فنڪارن ??ي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آ??ي. ??نڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن کي شڪايت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن چيو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ??ندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.