اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري (ڪالهه) آچر 30 جولاءِ تي گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو، ترجمان موجب پنهنجي دوري دوران پرڏيه?? وزير گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي عزت آب شيخ عبدالله بن زيد آل نهيان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا سهڪار جي سمورن رخن تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ان موقعي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصب سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪ??ي، دوري دوران پرڏيه?? وزير مادام تسا ۾ پهرين پاڪستاني شخصيت اڳوڻ?? وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي مومي مجسمي جي نقاب ڪشائي وري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، واضع رهي ته ٻئي ملڪ لڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪت داري کي وڌيڪ گهرو گهرو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.