اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ح??ال?? سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي روشني وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آه??. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبرن جي اتفاق راءِ تي آه??. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال ط??ر تي ڳولي رهيو آه??. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل شروع ڪيو آه??. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي ح??ال?? سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو مقصد سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا رکڻ آه??. آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن باتب س??ال?? جا جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ميمبر ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آه??، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان فعال ط??ر تي مصروف عمل آه??، اسان جو سفير ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان ملاقات ڪري رهيو آه??. هن افغان هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 س??ڪڙو ڪوٽا آه?? جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي ح??ال?? سان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.