اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشور??س ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشور??س ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشور??س ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز اح??د پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي انشور??س ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز اح??د پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشور??س ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف انشور??س ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشور??س ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشور??س ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.