ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفا??ي وزير مدد علي س??ڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفا??ي وزير جي آجيان ڪئي. وفا??ي وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفا??ي وزير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفا??ي وزير کي يونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي س??ڌي معياري تعليم ۽ يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفا??ي وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ س??ڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفا??ي وزير سان گڏ انٽر بورڊز ??وآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.