اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دنيا زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪ??مي??ي نمائندن جي وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ليبر فرينڊز آف ڪسمير يو ڪي جي چيئرمين اينڊريو گيوين ڪري رهيو هو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت ڳالهه ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشي، اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ، مني پور ۾ گرجا گهرن کي ساڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اقليتي برادرين جي اڳواڻن جي عدالت کان مٿانهين قتلن ۾ ملوث آهي. هن چيو ته انتهاپسند هندوتوا جي نظريي کان متاثر ڀارت جي نفسيات بدلجي رهي آهي جنهن جو مقصد اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن سان ڪنهن به ناانصافي جي صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارت ڪ??مي??ي عوام کي پنهنجي سرزمين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي آباديي جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن دنيا تي زور ڏنو ته اها والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي واپس وٺڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي ماڻهن جي حقن کان انڪار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفد جي سربراهه اينڊريو گيوين چيو ته ڀارت پاران ڪيل تشدد ۽ ڏاڍ ناقابل قبول آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪ??مي??ين جي حمايت ڪندو رهيو آهي، ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي سلسلي ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڀارت واديءَ جي آبادي جي ڍانچي کي تبديل ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعليم ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي بهتري لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفد ڀارتي گجرات ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خراب حالت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر برطانيا ۾ رهندڙ ڪ??مي??ي ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪ??مي?? ڪاز جي لاءِ حمايت کي ساراهيو.