لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سو??نگ?? ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو ??ورو ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد عباس ڊار وفاقي وزير جو ??ستقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو جي عمارت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو ??ائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو ??ورو ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاه??ر ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو ??ظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وفاقي وزير کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.