لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزي?? مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي پن??نجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئل ي??ني??رسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل ي??ني??رسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل ي??ني??رسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل ي??ني??رسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.