راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون وي??هو بڪاخيل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ افغان شهريءَ طور ٿي، ??نهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي وي?? ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ??ئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.